درٻيلوي شيخ حميد

درٻيلوي، شيخ حميد: مشهور بزرگ شيخ حميد درٻيلويءَ بابت ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ مولانا دين محمد وفائي ڄاڻايو آهي ته: ”شيخ حميد درٻيلو بن قاضي عبدالله سنڌي پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. شيخ حميد پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ مديني مان اچي احمد آباد ۾ رهيو ۽ اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائين. ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس والد ۽ عزيز مديني روانا ٿي ويا، پر هيءَ بزرگ احمدآباد ۾ ئي درس تدريس ۾ مصروف رهيو. مير محمد معصوم بکري لکي ٿو ته: ”شيخ حميد فضيلت ۽ ڪماليت جي زيورن سان سينگاريل هو. نقلي ۽ عقلي علمن ۾ تمام گھڻي مهارت هئس، جنهن زماني ۾ مظفر شاهه بن سلطان محمود گجراتي (بيگڙو)، اڪبر بادشاهه جي گورنر شهاب خان تي ڪاهه ڪري احمدآباد قبضي تي قبضو ڪيو. ان وقت مرزا عبدالرحيم ’خان خانان‘ فوج ڪشي ڪري مظفر شاهه کي گجرات مان ڪڍيو. ان وقت آءٌ (مير معصوم بکري) به انهيءَ فوج ۾ هئس. جڏهن اهو پرڳڻو فتح ٿي ويو، تڏهن آءٌ (مير معصوم بکري) شيخ حميد سنڌيءَ جي خدمت ۾ حديث جو علم پرائڻ لڳس ۽ مشڪواة شريف منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين پڙهي پوري ڪيم ۽ حديث جي اجازت حاصل ڪيم. ڪجهه عرصي کانپوءِ شيخ حميد، نواب اعظم خان عزيز ڪوڪه سان گڏ حج تي ويو ۽ مڪي شريف ۾ ئي هميشه لاءِ رهي پيو، اتي حديث جو درس ڏيڻ لڳو ۽ شيخ جي لقب سان سڏجڻ لڳو. هن وقت مڪي معظمه جي اهل حديث جو اڳواڻ آهي.“
مير محمد معصوم بکريءَ ’تاريخ سنڌ‘ (تاريخ معصومي) يارهين صدي هجري/ سترهين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ لکي هئي، جنهنڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو ته، شيخ حميد مڪي معظمه ۾ يارهين صدي هجري (سترهين صدي عيسويءَ) جي اوائل ۾ وفات ڪئي هوندي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو